Thursday, April 23, 2020

ء تاريخ لکندي.............!!

رضاعلي سنجراڻي

وقت حاضر م موجود ھر واقعو جيڪو ايندڙ وقت م تاريخ جو داستان بڻجي ويندو آهي پوءِ اھو داستان طاقتور آھي يا ڪمزور جنھن جي پرک تاريخ جي وجود م روح ڦوڪيندڙ واقعن جي ذريعي ئي ڪئي ويندي آهي. تاريخ جي باب م قومن جي تباھي ء قومن جي ترقيءَ شامل ھوندي آھي جنھن کي مدنظر رکي تاريخ جي تشڪيل ڪئي ويندي آهي ء ماضي جي اھم واقعن جي مجموعي کي تاريخ چئبو آهي. تاريخ نويسيءَ جو عمل ٽن اھم مرحلن مان گذرندو آھي:
 1. واقعن کي جمع ڪرڻ 2. انھن جي تفصيلات ڪرڻ 3. انھن تي تجزيو ڪرڻ.
 تاريخدان تاريخ تحرير ڪرڻ وقت انھن ٽن مرحلن کي ذھن م رکي ڪري تاريخ کي تحرير ڪندا آھن. اچو ته اڄ ھن اسانجي موجوده دور جي عڪاسي ڪيون ته اسانجي ھن وقت حاضر کي تاريخ پنھنجي پنن تي ڇا لکندي؟ تاريخ جو گذر به مختلف دورن مان ٿيندو آهي تاريخ جي بدن تي مستقل ھڪ لباس ناھي رھندو وقت جي تبديلي سان تاريخ جي رخن م به تبديلي ايندي رھندي آھي قومن جو عروج ء زوال ايندو رھندو آھي. تاريخ مختلف دورن ۾ ڊھي ء ٺھي آھي ڇا ھنيئر موجوده دور م  تحرير ٿيندڙ تاريخ جيڪو تاريخ جو بدترين دور ھوندو؟ ھاڻوڪو وقت جيڪو مستقبل م تاريخ جي شڪل م نروار ٿيندڙ ڪيڏو نه بدقسمت دور ھوندو! جنھن کي ايندڙ نسل پڙھي ڇا سوچيندو؟ اھو سچ آھي ته ھي ڪڙڪو ضرور ختم ٿيندو، اڄ ھي عجيب سناٽو جيڪو سڀاڻي ھڪ ڊگھي ء زخمي تاريخ م تبديل ٿيندو ء اھو به سچ آھي ته ٿي سگھي ٿو ھن لوڏي کان پوءِ حڪومتون نوان فيصلا ڪن ء دنيا جو رخ تبديل ٿئي. اڄ ھر ڪنھن جي ذھن م اھو سوال گونجي رھيو آھي ته آخر ھي ڀڙڪيل باھ ڪڏھن وسامندي ء زندگي وري پنھنجي اصل ماڳ طرف ڪڏهن سُرندي پر ان سان گڏوگڏ ھي سوال به ڪنھن جي ذھن م ضرور حرڪت پيدا ڪري رھيو ھوندو ته ھن انساني دور جي عجيب واقعي کي تاريخ ڪھڙي طرح سان تحرير ڪندي؟ ھا تاريخ لکندي ضرور لکندي ء جيڪا خبر ناهي ڇا ڇا لکندي!!
ھي تاريخ جو اھو موڙ آھي جنھن کي زندگي جي ھن عجيب سنساني ء دنيا جي ويراني سبب تاريخ جو ڏکيو موڙ چئي سگھون ٿا جنھن موڙ کي اورانگهڻ انسان لاءِ ھڪ وڏو الميو بڻيل آهي، جتي انسان کليل اکين سان نابين بڻجي چڪو آهي، جنھن کي تھذيب ء ثقافت جا سڀ قاعدا قانون وسري ويا آھن ء اڄ انسان اھڙي مقام تي اچي پھتو آھي جتي دوست ته ٺھيو پر انسان رت جي رشتن کي سڃاڻڻ واري سگھ کان به محروم ٿي چڪو آهي. ھي تاريخ جو ڪيڏو نه عجيب موڙ آھي جتي تاريخدانن کان علاوه ھر ھڪ ھن واقعي جي تفصيلات تي سٺو تجزيو ڪري ھڪ اھڙي تاريخ کي تشڪيل ڪري سگهي ٿو جيڪا ايندڙ وقت م ٿي سگھي ٿو وڌ کان وڌ پڙھي ويندڙ تاريخن جي فھرست م شمار ٿئي. ھن سانحي تي سمورن ملڪن جي ماٺ ء ترقيءَ يافتہ ملڪن جو گوڏا کوڙڻ تاريخ جو ھڪ المناڪ واقعو آھي جنھن واقعي دوران تاريخ مختلف مرحلن مان گذرندڙ ھن دنيا جو تجزيو ڪري گھڻو ڪجھ لکندي ايستائين جو سپر پاور آمريڪا جي بيوسي کان ويندي معاشي بدحالي جي شڪار ملڪن جو زندھ ھن باھ م سڙڻ تائين تاريخ زندگيءَ جي ھن عجيب ڊرامي جي قسط تي جيڪو لکندي اھو ايندڙ وقت م پڙھندڙن جي ذھنن م ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيندو جنھن جو اندازو ھن سانحي م سٺي ريت لڳائي سگھجي ٿو.
ھن واقعي جي منڍ کان وٺي ڇيڙي تائين انسان جي بيوسيءَ کان وٺي بيوقوفي تائين سڀ مرحلا شامل آهن تنھنڪري اھو واقعو تاريخ جو ڪيڏو نه دلچسپ ء ھانءُ ڏاريندڙ واقعو ھوندو جنھن م ڪجھ ملڪن جي عوام ء حڪمرانن جي بيوقوفي سان گڏ ڪجھ ملڪن جي بيوس ٿي وڃڻ تائين سڀ قصا سمايل ھجن ايستائين جو دنيا جي سڙڪن تي انسان اگر ملي اھو به مرده دنيا اڄ اھڙي ڏاڪي تي اچي پھتي آھي جتي امير توڙي غريب ملڪن م ڪو فرق ئي ناهي رھيو، شايد ھن ڌرتيءَ تي ڪو اھڙو ملڪ ناھي جنھن م ھن حادثي جي ڪري خوف جي فضا نه ڇانيل ھجي ھنيئر دنيا جيڪا نيوٽن جي حرڪت جي پھرين قاعدي موجب ظاهري چرپر کان محروم آھي، دنيا جون خوبصورت شامون انسان کي ڳولي رھيون آھن، ھي اھو ڏاڪو آهي جتي وڏن توڙي ننڍن شھرن جون مصروف سڙڪون ويران آھن، ھن مقام تي انسان نه فقط بيوس بڻجي چڪو آهي پر ان مقام تي انسان پنھنجي سموري توانائي کان به محروم ٿي چڪو آھي جنھن تي ھميشه انسان ناز ڪندو ايندو ھو پر تاريخ جي ھن واقعي نه فقط دنيا جي سراسري معيشيت کي لوڏي م آڻي ڇڏيو آھي پر ھن مختصر منظر جيڪو جينياتي هٿيار جي حرڪت سان ھن دنيا جي اسڪرين تي نروار ٿيو آھي ء جنھن اھو ثابت ڪري ڇڏيو ته مخلوق جي اول درجي تي پھتل انسان جيڪو گھڻي قدر ڪمزور آھي. ھي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ واقعو آهي جنھن م انسان اڪيلو ٿي چڪو آھي ايستائين جو لاشن جا وارث به نٿا ملن اگر ڪير آھي به صحيح ته اھو وارثي کان انڪار ڪري رھيو آھي ء دنيا جي قبرستانن م لاشن دفنائڻ جي جڳھ ختم ٿيندي پئي وڃي!!
 ڪڏھن سوچيو به نه هو ته انسان جي ملاقات انھي دردناڪ دور سان ٿيندي، انسان ايترو اڪيلو ٿيندو ء اتي ھي سوال جنم وٺي ٿو ته آخر دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي؟ ھن عجيب سانحي جي تاريخ ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ تاريخ ھوندي!! ٿي سگھي ٿو ته ھن عجيب تاريخ کي پڙھندي ايندڙ دور م ڪنھن ناري جي نيڻن مان سفيد پاڻي جا آبشار وھي اچن يا ائين به ٿي سگھي ٿو ته ھن واقعي دوران ڪجھ ملڪن جي بيوقوفي واريون لھرون ڏسي ڪنھن نوجوان جي چپن تي ڪجھ وقت لاءِ مذاقي ڪيفيت به موٽي اچي.
 تاريخ ھن عجيب سناٽي تي گھڻو ڪجھ لکندي ء تاريخ لکندي ته ويھين صديءَ جو ويھون سال جيڪو انسانذات لاءِ ھڪ عذاب بڻجي اڀريو ھو جنھن سال دوران تاريخ م پھريون ڀيرو سڄي دنيا ۾ انسان ھڪٻئي کان پري ٿيڻ لڳو ھو، تاريخ اھو به لکندي ته ھي اھو سال ھو جنھن م دنيا جون تھذيبون، ثقافتون ء طاقتون جيڪي ھن عجيب سانحي م انسان کي بچائڻ کان جواب ڏئي چڪيون ھيون، تاريخ پنھنجي گلابي ورقن تي اھو به لکندي ته ھن عجيب طوفان م سينيما گهرن کان ويندي مقدس مقامات کي به تالا لڳي چڪا هئا، تاريخ اھو به لکندي ته ھي اھو سال ھو جنھن م نيوڪليئر پاور ء جديد ٽيڪنالاجي تي فخر ڪندڙ قومن جون وايون به بند ٿي چڪيون ھيون، تاريخ اھو به لکندي ته ھي تاريخ جو اھو دور ھو جنھن م نيوڪليائي هٿيار سڪون جي ننڊ م ستل ھئا، تاريخ اھو به لکندي ته ھي اھو دور ھو جنھن م ھر جيوت آزاد ھئي صرف اشرف المخلوقات ئي ھڪ تصوراتي پنڃري م قيد ھئي، تاريخ پنھنجي ورقن تي اھو به تحرير ڪندي ته جتي دنيا خاموشيءَ واري لباتي م ويڙھيل ھئي اتي ڪجھ قومن جو فضول شور عروج تي ھو، تاريخ اھو به لکندي ته ھن عجيب امتحان م انسانذات جي اڳيان اھو سوال به نروار ٿيو ھو ته زندگيءَ کي بچائجي يا معيشيت کي بچائجي، تاريخ اھو به لکندي ته ھي اھو وقت ھو جنھن م انسانيت جو جذبو قومن مان موڪلائي ويو ھو ء ھر ھڪ پنھنجي انفرادي معيشيت ٺاھڻ م مصروف ھو، تاريخ اھو به لکندي ته ھن وبا اھو ثابت ڪري ڇڏيو ته دنيا م پنھنجي وجود ۾ جذبه انسانيت کي سانڊيندڙ ملڪ ئي سپر پاور ھوندا آھن، تاريخ اھو به لکندي ته دنيا جي بيوسيءَ واريون وڊيو ڪلپس ڏسڻ باوجود ھن ڌرتيءَ تي ڪجھ اھڙيون قومون بہ ھيون جيڪي ھن عجيب سانحي کي ڊونگ ء مذاق سمجھي رھيون ھيون، تاريخ ناسي وردي تي لاتعداد تبصرا ڪرڻ کانپوءِ ھاڻي اڇي وردي جي اھميت تي به ٺاھوڪو تبصرو ڪندي، تاريخ اھو به لکندي ته ھي اھو دور ھو جنھن م دنيا کي بچائڻ جو سڄو بار ميڊيڪل جي مٿان اچي چڪو هو پر طب جي شعبي ۾ گھٽ سھولتون ھجڻ ڪري تقريبن سڄي دنيا ھن حادثي م زخمي ٿي چڪي هئي، تاريخ اھو به لکندي ته ھي اھو دور ھو جنھن م اٽلي جي ڌرتيءَ بھار جي مند م گلن کي جنم ڏيڻ بدران لاشن کي ھضم ڪري ڪري ٿڪجي پئي ھئي، تاريخ اھو به لکندي ته فرانس جي دل پئرس جيڪا ھن المناڪ حادثي جي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي هئي، تاريخ اھو به لکندي ته ھن دردناڪ دور م نيويارڪ جي ڌرتي تي سنھڙي چيلھ لڏائي ميوزيڪل نائيٽ کي مست روپ ڏيندڙ ناريون جيڪي ھاڻي ھن اداس ڌرتيءَ تي صرف لاشن جا ڍير ڏسي ويران ڪمرن م اوڇنگارون ڏيئي روئي رھيون ھيون، تاريخ اھو به لکندي ته بالڪونيءَ م ويھي ھوائن جي ڇڙواڳي کي دل جي ڪمري ۾ قيد ڪندڙ اٽلي جا ماڻھو جيڪي اٽلي جي ڌرتي تي لاشن جي برسات ڏسي گھر جي ڇتن تي اٽلي جي متاثر عوام  سان يڪجهتي جو اظھار ڪري اٽلي جي فضائن م ماتمي صدائون بلند ڪيون ھيون، تاريخ پنھنجي صفحن تي اھو به درج ڪندي ته ووھان جون سرد ء ڇڙواڳ فضائون جيڪي ھن حملي ھيٺ اچي موسم سرما م پنھنجي حقيقي سرور کان الوپ ٿي چڪيون ھيون، تاريخ پنھنجي ڊائري م اھو به لکندي ته ھن المناڪ حادثي جي ڪري وچ اوڀر جي بھادر ملڪ ايران جا ڳوڙها به ڌرتي جو سينو چمي رھيا ھئا جنھن کي جذب ڪرڻ لاءِ ڪنھن به ملڪ پنھنجو دامن نه پکيڙيو ھي دنيا جو اھو واحد ملڪ ھو جنھن اڪيلي سر ھن وبا کي جواب ڏنو ء جيڪو انقلاب جي جام جا ڍڪ ڀرڻ کانپوءِ اقتصادي پابندي جي پردي ھيٺان زندگيءَ گھاري رھيو آھي، تاريخ ھن واقعي کي نظر م رکي ڪري اھو به لکندي ته ھن واقعي دوران دنيا م ڪھڙيون جاھل قومون ھيون ء ڪھڙيون شعور يافتہ قومون ھيون ء تاريخ جيڪا گھڻو ڪجھ لکندي!!
 razasanjrani@hotmail.com

No comments:

Post a Comment

Era of AI and Challenging Time for the World.!

  Era of AI and challenging time for the world.! By.. Engr. Raza Ali Sanjrani  This is hard time, fast time or a time which is borderless. T...