Monday, December 7, 2020

ڪلچر ۽ درد جو ساگر

ڪلچر ۽ درد جو ساگر


رضاعلي سنجراڻي


ثقافت جيڪا سماج جي شعوري توڙي طبعي اڏاوت م اھم ڪردار ادا ڪري ٿي، ثقافت جيڪا قومن م روح ڦوڪي ٿي اھڙو روح جيڪو ڪڏھن به ناھي مرندو جيڪو ھميشہ مساوات ۽ محبت جي تلاش م ھوندو آھي  ۽ ثقافت جنھن جي لحاظ کان تھذيب جي تانبوري م محبت جا سُر ھوائن کي حقيقي سرور بخشن ٿا جيڪي ھوائون وطن جي ھر شھر کي پنھنجي منفرد سڳنڌ سان خوشبودار بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ انھن عظيم فضائن جا جھوٽا ڪنھن ڪنھن قوم جو ورثو بڻجندا آهن. اسان جيڪڏهن پنھجي عظيم ثقافت کي تاريخ جي تارازي م تورينداسين ته اسان ھڪ بيحد وزنائتي ۽ اثرائتي ثقافت جي نتيجي تائين آساني سان پھچي وينداسين پر ھيل جڏھن اسان ارضيات ء جاگرافي کان ويندي دماغن جي حدود م گھلندڙ سوچن جي فضائن طرف نھارينداسون ته محسوس ٿيندو اسان تاريخ جي ڪنھن وڏي بليڪ ھول طرف گامزن آھيون جنھن ظاھري جبر ذريعي اسان جي معدني وسيلن کان ويندي اسان پنھنجي مصنوعي زور ذريعي پنھنجي شعور کي به زمان جي زندان م قيد ڪري ڇڏيو آھي تڏھن ته اسان وٽ ھاڻي باقي وڃي وقت جي جابر طاقتن جي پيرن م پاتل پازيب جي ڇمڪار تي جسماني رقص بچيو آهي باقي روحن جا رقص ، ذھني تندرستي ۽ شعوري ھوائن جھڙا ناياب معدنيات اسانجي ڌرتيءَ جي پيٽ مان الوپ ٿي چڪا آھن. ياد رهي ته شعوري فقدان ۽ ان تصوراتي غلاميءَ واري ناچ ھيٺ نه ڪنھن اپسرا جي پيرن م پاتل ڇير جي ڇمڪار وڻندڙ ھوندي آھي نه ئي ڪنھن ڪنواري جسم جو رستن تي رقص سٺو لڳندو آهي اھو عمل فقط انھن روحن لاءِ نجات جو رستو ھوندو آھي جيڪي جسمن جي دوزخ م سڙي رھيا ھوندا آھن پر محبت جي مڌ م حقيقت جي سڳنڌ تڏھن ئي محسوس ٿيندي آهي جڏھن وطن جي وسيع ميدانن کي ذھني، شعوري ۽ جسماني آزادي جي چمڪندڙ سج جا ڪرڻا اچي چميون ڏيندا آهن تڏھن ئي روحن جو ميلاپ ڌرتيءَ کي بھشت جھڙو بڻائي ٿو ڇڏي باقي شعوري ۽ ذھني فقدان ھيٺ رستن تي ڪنھن اپسرا جو رقص ڪلچر سان غداريءَ آھي. وقت حاضر م اسانجي قوم جي قيادت اھي ذھن ڪري رھيا آھن جن کي نه ارضيات جي ڪا خبر آهي نه ئي وطن جي جاگرافيءَ جي باري م ڪا ڄاڻ آهي بس پنھنجي انفرادي معاشي چارٽ م مثبت ترميم ڪري اھي اقتدار جي ڪرسيءَ سان چنبڙيا پيا آهن، توڙي جو جيڪي پنھنجي مختصر تاريخ م متغير نظريات جي گرد اسريا آھن جيڪي وڏن ميڙاڪن ۾ ثقافتي لباس اوڍيندي به شرمائيندا آھن ڇو جو اھي ثقافت واري موضوع کان بي خبر ھوندا آھن انھن ڪڏھن سوشل سائنس جا ڪتاب پڙھيا ھجن جو انھن کي ڪلچر جو ڪو قدر ٿئي ۽ ڪلچر بابت ڪا خبر ھجي پر اھي ماڻھن جي مھڻن ۽ رسمي دوستي واري زنجير کي برقرار رکڻ لاءِ اندر جي ٽيمپريچر کي پنھنجي مصنوعي زور ذريعي ضابطي ۾ آڻي پوءِ ظاھري قوم جا باشندا سڏرائين ٿا. اھڙا وجود جنھن جي زندگيءَ جو سفر متغير نظريات جي گرد ٿيو ھجي اھي ماڻھو قوم کي ڪنهن به لحاظ کان ڪابه سونھن نٿا بخشي سگھن جڏھن ته وقت جي دڳ تي ترقي جي ترنم تي اھي ئي قومون رقص ڪري سگھن ٿيون جنھن وٽ مستقل نظريات ھوندا، جنھن وٽ محبت جي مٺائي کي تقسيم ڪرڻ جو فن ھوندو، جيڪي ڪلچر واري موضوع م ماھر ھوندا، جيڪي پنھنجي ڪلچر کان ويندي دنيا جي سمورين ثقافتن جو قدر ڪرڻ ڄاڻيندا ھوندا ۽ جيڪي دنيا جي سڀني نظرين کي تنقيد نه پر ترميم واري عمارت م کڻي آڻي ان تي ڪا جديد تحقيق ڪرڻ ڄاڻيندا ھوندا.

 بيشڪ اسان دنيا جي شاھوڪار تھذيب جا وارث آھيون اسان دنيا جي انھن خطن م شمار آھيون جنھن وٽ پنھنجا کوڙ معدني وسيلا آھن ۽ تاريخ اھو به پنهنجي ڪتاب م لکي ٿي تي علم رياضيءَ م ``ڏھائي`` (Decimal) سنڌو ڪناري وسندڙ انھن سادن ماروئڙن جي ايجاد آھي جيڪي ھيل غلاميءَ جي سونامي م تباھي جي ساحل تي بي يارو مددگار آھن. ھينئر اسانجي بيوقوفين اسان کي اھڙي رستي تي اچي کڙو ڪيو آهي جتي فقط ھڪ ئي سوال جيڪو مسلسل پنھنجي طاقتور حل لاءِ بيتاب آهي اھو سوال آهي وطن وارثي؟ اھو سوال آهي ثقافت جي حفاظت؟ پر ڪير ڪري؟ دنيا جي بحرانن جي گرد گرفتار قومن م شايد اسان به سرفهرست ھجون جنھن م کوڙ  سارا بحران آھن جنھن م نه ڪو مثبت تعليمي سرشتو آھي نه ئي ڪو سگھارو معاشي گراف اسان وٽ وڏا بحران آھن جنھن اسانجا نسل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آھن اھي تعليم ۽ ذھني شعور جا بحران آھن پر احساس جي عنوان م بدحالي جي وئڪسين لڳائي سڪون محسوس ڪندڙ اسانجي جي قوم کي ان چيز جي ڪابه پرواهه ناهي. ھينئر اسان کي عالمي ليول تي اسانجي عظيم قومي پڪچر کي نمائش ڪرڻ جي ضرورت آھي اسانجي قومي تصوير جيڪا بحرانن جي ڪري ڪمزور ٿي چڪي آهي ھاڻي اسان کي اسانجي قومي تصوير جي نئين سر بھتر سرشتن مطابق مصوري ڪرڻ جي ضرورت آھي تڏھن ئي وشال رستن تي ثقافت جي صندري سان رقص سٺو لڳندو جڏھن اسان ھن تصوراتي غلاميءَ مان آزاد ٿي شعوري سڳنڌ سان گھلندڙ آزادي جي عظيم فضائن جي سگھارن جھوٽن مان فيضاب ٿينداسين. ترقيءَ تڏھن ئي ممڪن آهي جڏھن ھر ھڪ ڪلچر جي اھميت سان گڏوگڏ اھو محسوس ڪندو ته واقعي اسان ڪنھن دردن جي وسيع ساگر م اھا ڪمزور ٻيڙي آھيون جنھن جي چؤطرف وقت جون ظالم ۽ جابر لھرون آھن جيڪي نه اسان کي منزل تائين رسائڻ ٿيون ڏين ۽ نه ئي دردن جي ساگر مان پار ڪري خوشحالي جي ڪنارن کي چميون ڏيڻ ٿيون ڏين. ھاڻي اسان کي ئي ان مسئلي جو ڪو مثبت حل ڳولڻو پوندو تڏھن ئي اسان وري ڪنهن مضبوط بنياد تي اٿي کڙو ٿي سگھون ٿا يا جلد اسان وقت جي وحشت ھيٺ دردن جي ساگر م ٻڏي مري وينداسين.

 

No comments:

Post a Comment

Era of AI and Challenging Time for the World.!

  Era of AI and challenging time for the world.! By.. Engr. Raza Ali Sanjrani  This is hard time, fast time or a time which is borderless. T...