Sunday, January 12, 2020

نئین سال جو استقبال ڪھڙي ريت ڪجي!!

تحرير...... رضاعلي سنجراڻي

وقت جيڪو پنھنجي مستقل رفتار م روان آھي سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينھن، مھينا، سال ء صديون وقت جو ايڪو ھئڻ ڪري وقت جي رفتار سان بدلجي رھيا آھن. سال جيڪو 12 مھينن، 365 ڏينھن، 8769 ڪلاڪن, 525600 منٽن ء 31536000 سيڪنڊن م تقسيم ٿيل آھي جڏھن وقت جي رفتار ان منزل جي ويجھو پھچي ٿي تہ ڪلينڊر جي ورقن م حرڪت پيدا ٿي ٿئي ء پراڻي ڪلينڊر جي پلاٽ تي ھر سال ھڪ ٻيو نئون ڪلينڊر اچي قبضو ڪندو آھي ڇو جو سال جي اختتام سان ھڪ سال تائین دیوار تي ٽنگيل ڪلينڊر بيوس ٿي وڃي ٿو!. اھو سلسلو جيڪو وقت جي ابتدا کان وٺي جاري آھي جڏھن سال جي مدت اختتام پذيري جي ويجھو ھوندي آھي تہ ديوار تي ٽنگيل ڪلينڊر ڄڻ زندگي جي آخري مرحلن م گرفتار جھوني جو ڏيک ڏيندو آھي جيڪو سرءُ جي جھوٽن سان ڪومايل وڻن جيان لڳندو آھي. نئین سال جي ڪلينڊر جو نظرون پراڻي ڪلينڊر جي جڳھ کي ولارڻ تي ھونديون آھن ء اسان جي عوام جيڪا ِان اوسيڙي م ھوندي آ تہ ڪڏھن ٿا رات جا 12 ٿين تہ ملڪ جي فضائن کي ھٿيار جي منفرد ساز سان گونجايون!!
نئین سال جي رات جيڪا مردہ سوچن وسيلي سخت تشدد جو شڪار ٿيندي رھندي آھي جيڪي سوچون ڪمزور ذھينيت جي تصوراتي ميدان جو حصو ھونديون آھن. جنھن معاشري م سال جي آمد گولين جي گونج سان ٿئي تہ اھو معاشرو امن جي خوشبو کان ھميشہ لاء محروم رھي ٿو. معمولي فقط انگن جي بدلجڻ سان معاشري جو اھو رد عمل ڏسي ڪري ائین محسوس ٿيندو آ تہ معاشري م جيڪا موجودہ ذھينيت آھي ان کي خود اڃان تبديلي جي ضرورت آھي. اسان جو الميو اھو آھي تہ اسان جي زندگي مان سال گھٽجي ٿو ء اسان وري زندگي جي پوڙھائيپ تي جشن جو انتظام ٿا ڪيون پر اسان ان تي ڪڏھن غور ء فڪر ناھي ڪيو تہ گذريل لمحن م اسان ڪٿي ھئاسین، ايندڙ وقت اسان جي زندگي لاء ڪيئن ثابت ٿيندو ء نئون سال اسانجي زندگي جي تصوير م ڪھڙي حرڪت پيدا ڪندو اسان ڪڏھن بہ انھن سوالن تي غور تہ پري جي ڳالھ آھي پر اھڙن سوالن کي ذھنن م جنم بہ ناھي ڏنو. بس ھن سوچ جي سوڙھن دائرن تائین محدود سماج م اسان وقت جي تبديلي تي ناسور رسمن کي جنم ڏنو آھي جن اسان کي حقيقي فلسفہِ زندگي ء مقصد زندگي کان الاھي پري ڪري ڇڏيو آھي تڏھن اسان ترقي جي بلندين کان الاھي ھيٺ ڪريل آھيون اسان م اھا سگھ ئي ناھي تہ اسان ترقي جي بلندين تائین پھچڻ لاءِ موجود ڏاڪن کي پار ڪيون "جنھن سماج م ذھن ڪمزور ٿي وڃن پوءِ ان سماج م جسماني سگھارو ھئڻ ڪوبہ مفھوم نٿو رکي". ڇا سال جي بدلجڻ سان ئي اسان فضائن کي گولين جي آواز سان گونجايون ء جشن جون تقريبون ڪوٺائي موج ء مستيون ڪيون؟ جنھن سماج م سوچن جي رستن تي مختلف ھٿرادن فضول نظرين جو رقص جاري ھوندو تہ ان سماج م شعور جون لھرون حرڪت ناھن ڪنديون. جيڪو معاشرو شعور جي فضائن کان محروم ھوندو اتي ڏينھن م بہ اونداھ جو راج ھوندو آھي ء اھو قبر مثل ھوندو آھي ھي اھا واحد قبر آھي جنھن م ايذاءُ ڏيندڙ انساني شڪل م موجود لاشعور مادو ھوندو آھي ء قبر م ھڪ روشن انڌيري جو سمان ھوندو آھي. اسان جون سوچون سال جي بدلجڻ سان بارود جي دونھين کي ڦھلائن تائین محدود آھن پر اسان کي تہ امن جي سڳنڌ کي ھن ڌرتي تي ڦھلائڻ گھرجي جنھن سان اسان ايندڙ وقت م ھڪ سٺي ء امن جي خوشبو سان سرشار معاشري کي تشڪيل ڪري سگھون. اسانکي تہ سال نہ پر سيڪنڊ جي بدلجڻ تي بہ اھو سوچڻ گھرجي تہ گذريل سيڪنڊ م اسان ڪٿي ھئاسین، اسان جي زندگي م ڇا تبديلي آئي آھي ڇو جو ھن زندگي م ھڪ سيڪنڊ جي بہ خاص اھميت آ جيڪو سالن ء صدين کي مڪمل ڪرڻ م پنھنجو خاص ڪردار ادا ڪندو آھي، سال تبدیل ٿيو تہ ڇا ٿي پيو اھو سلسلو تہ جاري آھي پر اسان کي پنھنجي پاڻ جي پيمائش ڪرڻ گھرجي تہ وقت جي تبديل ٿيڻ سان اسان م ڪھڙي تبديلي آئي آھي ڇا اسان وقت سان گڏ ڪنھن سٺي منزل طرف وڃي رھيا آھيون يا تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ زوال طرف روان آھيون ڇو جو وقت جيڪو پنھنجي مستقل رفتار سان ھلندو پيو اچي پر معاشري م ڇا تبديلي اچي رھي آھي، آئي آھي يا ايندي اھو سڄو دارومدار ان معاشري م موجود ماڻھن جي ذھينيت تي آھي تہ اھي پنھنجي ذھينيت تحت معاشري م ڪھڙي ريت تبديلي آڻي ٿا سگھن البتہ اگر ڪمزور ذھن اچي تبديلي جا جتن ڪندا تہ پوءِ تبديلي جي تصوير مختلف ھوندي ء اگر سگھارا ذھن اچي تبديلي لاء ڪوشش ڪندا تہ پوء تبديلي جو ڍانچو اڃان ٻيو ھوندو. پر افسوس سان اسان تہ وقت سان گڏ پاڻ کي کي تبديل ناھيون ڪري سگھيا اسان شروع کان وٺي جتي ھئاسين اتي ئي آھيون ڪيترائي سال بدلجي ويا صديون بدلجي ويون پر اسان جي معاشري جو ذھني ڍانچو جيڪو پنھنجي اصلوڪي تصوير تحت موجود آھي ان م ڪنھن بہ قسم جي تبديلي جنم ناھي ورتو. اسان فقط انھن فضول ڪمن م مھارت حاصل ڪئي آھي جن اسان کي پنھنجي پاڻ م ئي قيد ڪري ڇڏيو آھي يعني ذات جي زندان م قيد آھيون جن اسانجي ذھني صلاحيتين کي ماري ڇڏيو آھي، اسان تہ پنھنجي زندگي ٽپا ڏئي گھاري آ پر اسانکي تہ وقت جي تبديلي تي نچڻ ء ٽپا ڏيڻ نہ پر وقت جي تبديلي سان پنھنجي پاڻ جي انفرادي پيمائش ڪرڻ گھرجي تہ اسان جي شخصي ڍانچي م وقت جي تبديلي سان ڪھڙين تبديلين جنم ورتو آھي ء ايندڙ وقت م اسانجي شخصي ڍانچي جي ڇا حالت ھوندي جڏھن اسان وقت جي تبديلي سان پنھنجي پاڻ م آيل تبديلين کي پرکي وياسين ء پنھنجي شخصي ڍانچي جي سٺي نموني سان تعميرات ڪئسین پنھنجي شخصيت م انقلابي چراغ کي روشن ڪيوسين تہ پوءِ اسان معاشري جي ڪمزور ڍانچي کي ڪا سگھ بخشي سگھون ٿا ڇو جو معاشراتي يا اجتماعي انقلاب جو اول رستو شخصي انقلاب يا انفرادي انقلاب ھوندو آھي پوء شخصي انقلاب ملي ڪري معاشري م ھڪ شعور جي روشني سان سرشار چراغ کي جنم ڏئي ٿو سگھي. پر اسان فقط سال جي تبديل ٿيڻ سان معاشراتي رسمن جي ادائگي م مصروف رھياسين تہ پوءِ اسانکي خطرناڪ زوال جو منھن ڏسڻو پوندو جنھن سان اسان ھر طرف کان ھر طرح جي غلامي جي فريم م جڪڙيل وقت جي ڪمزور تصوير ئي وڃي باقي رھنداسين. ھن بارود جي ڍير تي بيٺل دنيا م اگر اسان سالن جي تبديلي تي بہ گولين جي گونج  م مصروف رھياسين تہ پوءِ اسان جي ھن سماج جي مستقبل جي تصوير جيڪا مڪمل تباھ ھوندي ڇو جو ھنيئر انسان جديد ٽيڪنالاجي وسيلي اھڙا جديد نيوڪليئر ھٿيار بہ تيار ڪري ورتا آھن جيئن ائٽم بم ء ھئڊروجن بم جيڪي ھن دنيا کي ختم ڪرڻ جيتري صلاحيت رکن ٿا ھاڻ ھن اسٽيپ تي پھتل دنيا م اسان اگر ھر نئین سال جو آجيان بارود جي باھ سان ڪنداسين تہ پوءِ ھر طرف بارود جي باھ سان زندگين کي ھڪ وڏو نقصان پھچندو ء قدرتي پسمنظرائي موت جي ھنج م ھوندي. ڌرتي جيڪا ھنيئر امن جي اوسيڙي م آھي، جنھن کي ھيل امن جي ضرورت آھي، ڌرتي چاھي ٿي تہ ان مٿان امن جو ھوائون رقص ڪن ء امن جي پکين جا گيت ان جي مٿاڇري تي گونجن پر ڌرتي اڃان ھن معذور معاشري م ان خواب جي ساڀيان ٿيڻ جي انتظار م آھي تہ ڪڏھن ان قوم م شعور جنم وٺندو ء نئین سال جو استقبال امن جي سڳنڌ سان ٿيندو. سال تبديل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالھ ناھي اصل مقصد پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ آھي پاڻ م تبديلي لاءِ پنھنجي پاڻ تي ھڪ ڊگھي تحقيق ڪرڻي پوندي جنھن جو محقق خود انسان ھوندو، ھن معاشري کي بہ تبديل ڪرڻو پوندو جنھن تبديلي سان اسان شعوري سرحدن جي حدود م وڃي داخل ٿيون جتي اسان حقيقي مفھوم م انسان ٿيون، ھن جديد ٽيڪنالاجي جي دور م ٽيڪنالاجي وسيلي اھڙين چيزن کي متعارف ڪرايون جنھن سان انسان وڌ مان وڌ فائدو حاصل ڪري سگھي ء ھڪ مساويت جي بنياد تي بيٺل معاشري جي تعميرات ڪيون جنھن م ھر طرف مساوي بنيادن تي ھوائون رقص ڪن. اگر اسان کي ڪنھن سٺي اسٽيپ تي پھچڻو آھي تہ پوءِ اسان کي وقت جي تبديلي تي نچڻ ء ٽپا ڏيڻ بجاءِ ھر سيڪنڊ تي غور و فڪر ڪرڻو پوندو ء پنھنجي موجودہ حالت جي سٺي ريت پيمائش ڪرڻي پوندي تہ اسان کي ھن وقت ڇا جي ضرورت آھي تڏھن وڃي اسان ڪنھن سٺي ڏاڪي تي پھچنداسين ء پوءِ دنيا جي جديد لاڙن کان واقف ٿينداسين اگر ائین نہ ڪيوسين تہ ايندڙ وقت م اسان لاءِ پنھنجي زندگي جا لمحا گھارڻ بہ ھڪ تمام مشڪل ٽاسڪ بڻجي ويندو.

Era of AI and Challenging Time for the World.!

  Era of AI and challenging time for the world.! By.. Engr. Raza Ali Sanjrani  This is hard time, fast time or a time which is borderless. T...