Friday, December 13, 2019

Review on book " The Broken Wings"

 نظر "ڀڳل کنڀڙاٽيون" تي!!



✍🏻.......رضاعلي سنجراڻي

خليل جبران جنھن جي ھر لکڻي م سمنڊ جھڙي گھرائیپ سمايل ھوندي آھي، ھن جي ھر لکڻي موجودہ نظام جي بي ترتيبي خلاف ھڪ گونج آھي جيڪا لبنان جي پھاڙن مان بلند ٿئي، خليل جبران جون لکڻيون ھن بيمار معاشري لاء اينٽي بايوٽڪ جھڙي حيثيت رکن ٿيون، دنياِ ادب م خليل جبران جا ناول پنھنجو خاص مقام رکن ٿا جنھن م فطرت جي حسناڪي سان گڏ موجودہ صورتحال، مصنوعي قوانين ء ريتن رسمن جيڪي معاشراتي شعور جي راھ م ھڪ رڪاوٽ بڻيل آھن انھن جي خلاف پنھنجي آواز کي تحريري شڪل م پيش ڪيو، جبران جنھن جي زندگي م ڪئي اپسرائون آيون پر جبران تاحيات شادي جي ٻنڌڻن م قيد نہ ٿي سگھيو- ھي ناول "ڀڳل کنڀڙاٽيون" جيڪو ھن پنھنجي ڀرپور جوڀن م لکيو جيڪو سندس زندگي جي عڪس کي پڌرو ٿو ڪري، ھي ناول جيڪو جبران جي محبت جو ھڪ نہ ختم ٿيندڙ داستان آھي جنھن جو اھم نقطو سلميٰ ڪريميءَ آھي جيڪا پھرين عورت ھئي جنھن جي پاڪ ھنج م جبران محبت جي مڌَ جا ڊگھا ڍُڪ ڀريا، ھن ناول م ٽي شخصيتون جيڪي ناول جا مکيہ ڪردار آھن زندگي جي آخري مرحلن م قيد ھڪ جھونو فارس افنديءَ جيڪو جبران کي ڏسي سندس ماضي جي لمحن مان سرشار ٿيندو ھو ء ھڪ عورت جنھن جي وجود م جذباِ آزادي سمايل ھو پر ان جي مٿان مصنوعي قانونن جو لباتو سميٽيو ويو ھو ء ھڪ نوجوان جيڪو پنھنجي ڀرپور جوڀن م ھڪ زندھ لاش عورت م حقيقي روح ڦوڪي رھيو ھو جيڪو روح ان وجود کي ان جبر مان آزاد ڪرڻ جون صلاحيتون رکي ٿو- ھي ناول جبران جي ذاتي زندگي سان گڏ وقت جي انھن قانونن خلاف ھڪ للڪار آھي جن زندگي کي غلامي واري لھر م تبديل ڪري ڇڏيو آھي- ھن ناول جو ھڪ نھايت عجيب منظر جنھن لبنان جي خشڪ ھوائن ء سلميٰ ڪريمي جي لبنان جي چانڊوڪي م رقص ڪندڙ خوابن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن گھوڙن جي پيرن جي آواز جنھن ٻن روحن کي خوابن جي دنيا مان جاڳائي حقيقت ء بدبختي جي دنيا م پھچايو جتي لڙڪن جي سمنڊ م غوطا کائیندڙ ھڪ پيرسن فارس افنديءَ ھن "ڀڳل کنڀڙاٽين" واري پکي لاءِ پنڃرو تيار ڪري موٽيو ھو جنھن م سلميٰ کي پنھنجي زندگي جا باقي لمحات ھن قيد م گھارڻا ھئا ھي ناول جو اھو منظر آ جتان سلميٰ ڪريمي ھڪ زندھ لاش بڻجي ٿي وڃي جتان سلميٰ ڪريمي جا لبنان جي فضائن م اڏامندڙ سپنن جا پَر ٽٽي ٿا وڃن جڏھن فارس آفندي جي زبان م اھي الفاظ ٿا نڪرن تہ "سلميٰ تونکي پيءُ شفقت مان ڪڍي ڪنھن ٻي جي آغوش م وڌو ويندو" ھاڻ سلميٰ ڪريمي جھڙي آزاد روح کي زندھ منصور غالب جي جبري زندان م قيد ڪيو ويو جيڪو ھڪ عورت جي احساسات ء جذبات کان اڻ واقف ھو پر ھو سامراجيت جي لھر م دولت جي نشي م ڌُن ھو جنھن لاءِ سلميٰ ڪريمي جي خوبصورتي ڪو معني ء مفھوم نٿي رکي. فارس افنديءَ جنھن پادري جي ڳالھ تي ھڪ زندھ انسان جو قتل ڪيو ڇو جو فارس آفندي انڪار ڪري سلميٰ ڪريمي تي انھن مصنوعي قانونن جا لباتا ھٽائي ان مٿان دنياوي خواري جو ليبل نٿو لڳائڻ چاھي! فارس آفندي جو انڪار انھن قانونن خلاف ھو "جنھن ھر انسان لاءِ تصوراتي قيد خانو ٺاھي رکيو آ جنھن م اڄ بہ ھر وجود قيد ڪيو وڃي ٿو"- ھي ناول جيڪو اندروني انھن قانونن جي خلاف سخت احتجاج آھي جن جبران جي محبت م مفاصلو وڌايو، جن سپنن جو قتل ڪيو ء جن ھڪ زندھ انسان کي جيئري ماري ڇڏيو. ھن ناول م فطرت جي پوشاڪ تي ڀريل ڀرت جي سھڻي طرح نمائش ڪيل آھي جنھن م انساني جذبات پنھنجيون اکيون کوليندا آھن- ناول جو اھو منظر جنھن م سلميٰ ڪريمي پنھنجي بدقسمت زندگي جا لمحا قانونن جي ٺاھيل پنڃري م گذاري ٿي ء جتي ان جا ڏينھن بہ رات جي تاريڪي جيان گذرن ٿا پر سلميٰ ڪريمي جيڪا جسماني تہ وڻ جي ڪنھن ڪمزور شاخ جو ڏيک ڏيئي رھي ھئي پر ان جا جذبا جيڪي اڃان سڄاڳ ھئا جيڪي انھن مصنوعي ديوارن کان الاھي بلند ھئا جنھن جي چوڌاري سلميٰ ڪريمي کي قيد ڪري رکيو ويو ھو، ھوءُ محبت جي پياس کي سيراب ڪرڻ لاءِ انھن مصنوعي ديوارن کي لت ھڻي جبران جي ٻک م محبت جا گيت ڳائیندي ھئي ء ھر وقت ان لاء فڪرمند ھوندي ھئي تہ ڪٿي جبران جو آزاد روح ڦاسي نہ پوي ڇو جو سلميٰ ڪريمي کي انھي پادري جو ڪو خوف نہ ھو جنھن ھن لاءِ مصنوعي پنڃرا ٺھيا جتي ھو قيد آھي پر سلميٰ کي جبران جي جواني جو فڪر ھو تہ ڪٿي مون قيدي لاءِ ھڪ آزاد روح کي سزا ڀوڳڻي پئي!! مون ھن ناول کي ڪيترا ئي دفعا پڙھيو آ ڇو جو ھن ناول کي پڙھڻ سان ائین محسوس ٿيندو آھي تہ تصوراتي ڪنھن آزاد گلستان م موجود ھجون جتي چوڌاري آزادي جي نغمن جي موسيقي سان روح رقص ڪري رھيا ھجن، ھي ناول جيڪو نہ فقط لبنان جي پھاڙن ء سلميٰ ڪريمي تائین محدود آھي پر ھن ناول جي پسگردائي تمام وسيع آھي جيڪو اڄ جي دور جي مسئلن جو بہ ھڪ منفرد حل آھي اڄ بہ ھر عورت سلميٰ ڪريمي جيان انھن مصنوعي قانونن جي آڙ م تصوراتي قيد خاني م قيد آھي جيڪو ھر پکي لاء ٺاھيو ويو آھي. سلميٰ ڪريمي جنھن جي وجود م اھو جذبو ضرور سمايل ھو تہ ھو سامراجيت جون ڊگھيون ديوارون مسمار ڪري پنھنجي منفرد مَڌُ جا ڊگھا ڍُڪ ڀرڻ ايندي ھئي پر اڄ جي معاشري م ھر وجود ان قيد خاني م قيد ٿيڻ کانپوءِ ھر قسم جي توانائي کي ماري ٿو ڇڏي ء "ھاڻي مڪمل غلامي جي لپيٽ م جبر جي زندان جي لوھي شيخن سان مقابلو ڪرڻ جون صلاحيتون مُرجھائجي چڪيون آھن"- ھن ناول جي آخري منظرڪشي جنھن م سلميٰ ڪريمي پنج سال اولاد کان محروم رھئي ٿي جنھن سبب معاشراتي نقطہ نگاھ مطابق سلمي ڪريميٰ جي سماجي حيثيت گھٽجڻ لڳي ٿي ڇو جو معاشراتي نقطہ نظر مطابق اولاد نسل کي برقرار رکڻ جو ھڪ ذريعو آھي پر ھن معاشري م اگر ڪا عورت اولاد کان محروم رھئي ٿي تہ اھا بند قيدخاني جي زنجيرن م وڌيڪ جڪڙجي وڃي ٿي بلڪل سلميٰ ڪريمي انھن مشڪلاتن جي لپيٽ م ھئي "شايد فطرت سلميٰ جي اولاد کي ھن قيد م قيدي ٿيڻ کان روڪي رھي ھئي!" آخرڪار سلميٰ ھڪ پٽ کي جنم ڏنو جيڪو مختصر وقت سندس ماءُ کي ھن جبر جي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ آيو ھو، جنھن ھن "ڀڳل کنڀڙاٽين" واري پکي کي ھن جبر جي قيد خاني مان نجات ڏيارڻ لاءِ جنم ورتو ھو جنھن جي رڙ کانپوءِ ابدي آرامي سلميٰ ڪريمي جي وجود م جڪڙيل زنجيرن کي ٽوڙي ھڪ آزاد باغ م وٺي وئي جتي سلميٰ ڪريمي جو روح جبران جي انتظار م ھوندو! ء جبران جيڪو ھاڻ ھڪ ماءُ ء پٽ جي جنازي جي ھجوم م ڪنھن اجنبي جيان سلمي ڪريميٰ سان روحاني ملاقاتون ڪري رھيو ھو ء دنيا کي ٻڌائي رھيو ھو تہ جڏھن سلميٰ جي قبر وٽان لنگھو تہ بلڪل نرمي ء خاموشي سان گذرجو ڪٿي توھانجون حرڪتون سلميٰ کي تڪليف نہ پھچائین، ناول م ھي منظر ڪشي جيڪا نہ فقط سلميٰ ڪريمي جي زندگي جي عڪس کي پڌرو ڪري ٿي بلڪہ ھي اڄ جي معاشري بہ ھڪ عام تصوير آھي جتي اولاد نہ ٿيڻ سبب عورتن کي مختلف مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ء جيڪي تقريبنً نہ ھئڻ جي برابر آزاد گلستان م داخل ٿي وڃن ٿيون پر تقريبن ھر عورت ھن قيدخاني م تاحيات زندگي جا لمحات گھاريندي آھي- ھي ناول جنھن م جبران جي ذاتي زندگي جي عڪاسي آھي ء ان ھڪ نوجوان جي ھر کنيل قدم تي معاشري جو رد عمل ء ڪنھن فطري عمل جي پوڄا تي قانونن جو قيدي بڻجڻ انھن فيچرس کي تمام سھڻي نموني سان بيان ڪيو ويو آھي، ھي ناول ان معاشري م ضرور پڙھڻ ء پرکڻ گھرجي جنھن جون "کنڀڙاٽيون" مصنوعي قانونن جي وار سان ٽٽي چڪيون آھن!!!!!

1 comment:

  1. Tamam Behtreen Novel Jo Makhsoos ae Khubsurat Byan .Ae Muashiry Ji Haqeeqat Jo Aqs dekharendr.When Ever I read Your Articles I feel from Your wrtings That I am perceiving all scenarios of that beautiful imagines.

    ReplyDelete

Era of AI and Challenging Time for the World.!

  Era of AI and challenging time for the world.! By.. Engr. Raza Ali Sanjrani  This is hard time, fast time or a time which is borderless. T...