ڪربلا بشريات لاءِ برابري ۽ رواداري جو دڳ آھي...
تحرير...... رضاعلي سنجراڻي
امام حسين عليه السلام جنھن زمين تي خيما کوڙي شھادت پذير ٿيا اھا زمين اھل نينوا ۽ اھل غاضريہ کان 60 ھزار درھم م خريد ڪيائون جيڪا 4 ميل مربع آھي، امام کي خبر ھئي تہ سندس زندگي جو چراغ گھڻي دير ھتي ٻري نه سگھندو ھوءَ حق جي ڏيئي کي پنھنجي، سندس احباب ۽ اصحاب جي خون سان ڪائنات م روشناس ڪندي ڪندي شھادت ماڻيندا، امام حسين عليه السلام ڪي عام انسان نه پر وقت جا امام ۽ عالمگير شناخت رکندڙ شخصيت ھئا پر تاريخ لکي ٿي ته امام حسين۴ ھڪ صحرا جتي ريت ئي ريت ھئي ان ڌرتي جو به معاوضو ادا ڪيو، اھا زمين امام حسين عليه السلام علي اڪبر جي نالي تي ورتي جنھن کي جاگير علي اڪبر سڏيو وڃي ٿو، جڏھن ته اھا زمين امام انھن کي واپس به ڪئي ھئي جنھن کان ورتائين ان شرط تي ته اھي زائرين جي خدمت ڪندا ۽ ٽي ڏينهن انھن جي مھماني ڪندا.
تاريخ جڏھن ھن خون جي ڳوڙھن سان لکيل ڪھاڻي کي پيش ڪري ٿي جنھن جي ھر لفظ مان درد ٽمي مُلڪان ملڪ ھر عشق ڪندڙ انسان جي اک مان آبشار بڻجي وھي ٿو ته ھن افسرده داستان مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھن صحرا جي گرد درياھ فرات ته وھندو ھو پر علائقو زرخيز نه ھو البتہ ھن زمين م زرخيز ٿيڻ جي صلاحيت ضرور ھئي. ھي سفر جيڪو ھڪ چڪر (Cycle) جيان آھي مديني کان مدينو (ھڪ ڪتاب پڻ آھي انھي نالي سان انھي سفر تي) ائين جيئن ماحول م به ٻيا ڪيترائي چڪر آھن پٿرن جو، پاڻي جو توڙي زندگي جو، جئين فطرتي نظام جي بقا انھن چڪرن (Cycles) م آھي بلڪل حق ۽ سچ لاءِ فڪرمند سوسائٽي جي بقا مديني کان مديني تائين وارو چڪر (Cycle) آھي، ھن سفر جي ھر موڙ تي الڳ ئي داستان آھن بيان ڪجن ته تحرير مان ڪتاب ٺھي ويندا. انسانيت جي عظيم رھنما امام حسين عليه السلام مديني کان طويل پنڌ ڪري پنھنجي احباب ۽ اصحاب جي رت سان ڪربلا جي ڌرتي کي ريج ڪري پنھنجي سندر سوچ سان زرخيز ڪيو جيڪا ھن سفر جو مرڪزي نقطو آھي جتي اڄ خوبصورت انساني فڪر جو وڏو باغ ٺھي ويو آھي جنھن م موجود تخيل جي خوبصورت گلابن جي خوشبو دنيا جي سمورن رستن تي رقص ڪري رھي آھي. وقت جي امام بغير قيمت ادا ڪرڻ جي سرزمين ڪربلا تي قدم به نه رکيو پر ھتي جنھن وٽ طاقت ۽ پيسو ايندو آھي اھو ڏنڊي جي زور سان اھل وطن ء ڌرتي ڌڻين کي ڌڪاري ٿو، اوھان کي ھن گلوبل ايج م ڪيترائي وطن وارث خانه بدوش نظر ايندا، ذات پات ۽ اوچ نيچ ڪري انساني تنگدستين ۽ رولاڪين جا ڪيئي داستان اينٿروپلاجي جي ورقن م ملندا. ڪربلا انھن سمورين رڪاوٽن ۽ تفاوتن کي وائکو ڪري برابري جو درس ڏي ٿي، ھي اھا ئي جاگرافي آھي جنھن م سموري بشريات لاءِ برابريءَ، رواداري، پيار ۽ امن جو تصور موجود آهي. حسيني فڪر جي راھ تي قدم به قدم ھلڻ ۽ معاشري منجھ ان جي پرچار ڪرڻ آسان ناھي، اسان سڀ ڏيکاء خاطر گھڻو ڪجھ ڪري ويندا آھيون پر دماغ م موجود وقت جي يزيد کي ڪڍي ٻاھر ڦٽو ناھيون ڪري سگهندا نه ئي دل جي چمن م فڪر حسين جي آبشارن ذريعي معرفتِ حسين جي وادين طرف وڌي سگھندا آھيون. عزاداري ۽ حسينيت آئيڊيلاجي آھن انھن کي رواجي ڪلچر جي نگاھ سان ڏسڻ يا عمل م آڻڻ مقصد حسين سان ويساھ گهاتي آھي، حسين حق جي دڳ جو دروازو آھي جنھن فڪر جي ڪشش ڪائنات جي راز پڌرا ڪري سگھي ٿي پر افسوس ھن آفاقي نظريي کي اسان دلين جي دڳن ۽ دماغ جي رڳن تائين پھچائڻ م مسلسل ناڪام رھيا آھيون. ڪربلا جي تتل ريت تي لکيل ڪھاڻي م توھان کي رت جون نديون ڏسڻ م اينديون اسان ڪربل جي ھن سرخ ڪٿا م فڪر حسين جي چارٽر کي نظر م رکي وقت جون ڪي نيون حڪمت عمليون ناھيون ٺاھي سگھيا ڇو ته اسان سڀ ڪٿي نه ڪٿي ھن دور جي يزيد جا ساٿاري آھيون، پريا کي قيد ڪندڙ يزيد جا، فاطمه ڦرڙو سان ريپ ڪندڙ يزيد جا، قصور جي شھر م زينب کي ڪچري م ڦٽو ڪندڙ يزيد جا، عوام جي ٽيڪس تي عياشيون ڪري عوام کي مفلس رکندڙ يزيد جا، رواداري کي قتل ڪري انتھا پسندي کي فروغ ڏيندڙ يزيد جا، فلسطين مٿان ظلم ڪندڙ ۽ ظلم تي خاموش ويٺل يزيد جا، سنڌ جا وسيلا کپائي سنڌ کي استحصالي طرف ڌڪيندڙ يزيد جا ۽ پوري قوم کي بليڪ ميل ڪري ذھنن کي ھائجيڪ ڪندڙ يزيد جا. جيڪو مظلوم قومن جا حق کائي انھن مٿان ھر وقت ظلمت جا طوق مسلط ڪري ته اھو يزيد آھي. يزيد اسم ھو ٿي سگهي ته اڃان به ڪنھن جابر ۽ جارحاڻي سماج م ھجي به البته ڪابه ماءُ ان فاسق جو نالو پنھنجي ٻچي مٿان نه رکندي ڇو ته ڪربلا کانپوءِ ھڪ منفي ء انتھائي غليظ صفت بڻجي ويو. حسين جي جنگ ھر دور جي يزيد سان ھئي ۽ آھي. حسينيت ھر دؤر جي يزيديت مٿان ڦٽڪار ڪندڙ ھڪ عالمي آئيڊيلاجي جو نالو آهي.






