Thursday, April 23, 2020


وائرس؛ سماج جي ذھني مفلوجي ء زندگي جون تبديل ٿيندڙ معنائون......!!

رضاعلي سنجراڻي

دنيا جي تاريخ م اھڙو درد انگيز دؤر ڪڏھن به ناھي ڏٺو ويو جنھن م رشتن جي رسي بغير ڪنھن تقراري زور جي پاڻمرادو ڪمزور ٿي وئي ھجي پر موجوده دؤر جي ھن دڳ تي ڪيتري نه آساني سان ھر رشتو ڪمزور ٿي رھيو آھي رشتن جو ڳانڍاپو، ثقافتي تقاضائون ء دنياوي طاقتون اڄ ھن عجيب سوڳ م سٽجي ھاڻي خاموشيءَ جي لباس م سميٽجي چڪيون آھن. ھي ڪا پراڻي ڳالهه ناھي پر ھي تازو ناٽڪ آھي جنھن ناٽڪ جون قسطون اڃان مڪمل ناھن ٿيون!! ھن عجيب ڊرامي جي اختتام جي ڪنھن کي بہ خبر ناهي سواءِ انھن جي جيڪي ان ڳالھ تي يقين رکن ٿا ته زندگيءَ ھاڻ ايش ٽري م پيل سگريٽ جي رک جيان ٿي چڪي آھي ء رک جيڪا سگريٽ جي سڙڻ کانپوءِ ئي جنم وٺي ٿي ء جيڪا ھوا جي جھوٽن سان آڪاش ڏانھن اڏامڻ جي ڪوشش ته ڪري سگھي ٿي پر ثقل وري به ان کي ڌرتيءَ جي سيني سان لڳائي ڇڏيندي آهي!!
 زندگيءَ جنھن جون ھاڻي دؤر جي حساب معنائون بدلجي رھيون آھن ھاڻي زندگي جي معني ڇا ھوندي شايد اھو خال ان سناٽي جي مدت تائين خالي رھي، ان کانپوءِ زندگيءَ جو ھڪ ٻيو مفھوم نروار ٿيندو ء ٿي سگهي ٿو جيڪو اڳيان ھلي اڃان به تبديل ٿئي.
 اگر اسانجا اھڙن ڏکين گهڙين م به رويا ساڳيا رھيا، اسانجو ان مشڪل دؤر جي اردگرد به بيوقوفي جي ھوائن م رقص جاري رھيو ء وبائن جي وقت م سياست ء مذھب وغيره جي غلط استعمال سان انفرادي فائدو وٺندا رھياسين ته پوءِ وقت جي رفتار سان زندگيءَ جي بدلجڻ واري مفھوم کي ھرگز سمجھي نه سگهنداسين ھاڻي انفرادي ترقيءَ نه بلڪه اجتماعي يڪجهتي کي رائج ڪرڻ جو وقت آھي. اتي ذھني مفلوجي ء شعوري بحران جي ڪري ھن مرده قوم جو پوءِ اڳيان جيئڻ جو ڀلا ڪهڙو فائدو ھوندو جيڪا گھڻو اڳ وھمن ء وسوسن جي اردگرد م تباھ ٿي چڪي ھجي پوءِ ھي موت جو سر مٿان لامارا ڏئي ظاھري چرپر کي به ختم ڪرڻ جو ڪيڏو نه سٺو موقعو آھي!!
 ڏينھن به ڏينھن زندگيءَ زنگجي رھي آھي وقت جي وھڪري م ھاڻي اسان جھڙيون قومون آساني سان غرق ٿي رھيون آھن ڇو جو اسان کي ھن جديد دؤر جي تلاءُ م ترڻ ناھي ايندو ء وڏي ڳالھه اھا آھي ته اسان ترڻ جي ڪوشش به ناھي ڪئي. تاريخ جنھن ھميشہ بھادري سان گڏوگڏ ڪمزوري جا ليڪچر به ڏنا آھن پر ڇا اڄ ھن ڏاڪي تي اھي ماضيءَ وارا سڀ طريقيڪار جيڪي بدلجي ويندا؟ ء ڇا ھاڻي دنيا جي ھر پھلو م ڪيترائي نوان رخ جنم وٺندا؟ دنيا جي معيشيت ء زندگي جي چرپر کي دوڏيندڙ ھن دور ۾ ڪيترائي نوان طريقيڪار جنم وٺندا ء ان دور م اسان جھڙيون قومون ڪھڙي درد م وٺجي وينديون جنھن جو اندازو به نٿو لڳائي سگھجي ڇو جو ھن مختصر وقت م ھڪ اھڙي ڊگھي ڪٿا جنم ورتو آھي جنھن م ڪيترائي سوال جنم ٿا وٺن ء انھن جو ڪو ھاڪاري حل سامھون نه پيو اچي جڏھن ته ھي ڪٿا جيڪا دنيا کي گھڻو ڪجھ سيکاريندي ء ھن ڪٿا جي اردگرد دنيا گھڻو ڪجھ وڃائيندي. اڄ دنيا م موت جو راڪاس ڦھلجي چڪو آهي موت جيڪا نه فقط زندگين کي ئي ماريندي آھي پر موت جيڪا معيشيت کان وٺي نظرين تائين ھر چيز کي مفلوج بڻائي ڇڏيندي آھي ء اڄ ھي ڪھڙو نه حيرت انگيز وقت آھي جنھن م موت دنيا تي ھر چيز کي ختم ڪري رھي آھي، زندگين ء معيشيت سان گڏوگڏ نظرين کي به ماري رھي آھي!!
 ھاڻي ڪھڙي چيز جي ختم ٿيڻ سان قومون دنيا جي نقشي تي مفلوج بڻجي وينديون دنيا جي ھن تباھ ٿيندڙ معيشيت جو مشاھدو ته ھر ھڪ آساني سان ڪري رھيو آھي، ڪيتريون ئي زندگيون موت جي مُٺيءَ م مروڙجي ظاھري چرپر کان الوپ ٿي رھيون آھن جنھن جو مشاھدو به ھر ھڪ آساني سان ڪري رھيو آھي ء سوال آھي ذھني مفلوجي جو جيڪو نه فقط ھن وبا م ئي ظاھر ٿيو آھي پر اھو سوال جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان ھن ڌرتيءَ تي پنهنجي مڪمل حل لاءِ واجھائي رھيو آھي پر فرق صرف ايترو آهي ته ھن وبا جي ڏينھن م ھن ذھني مفلوجي م ڪجھ زياده توانائي جنم ورتو آھي جنھن م اگر سوچڻ ء سمجھڻ جي سگھ ھوندي اھو آساني سان ھن سماج م وبا جي ڏينھن م اسڪرين تي نروار ٿي ايندڙ ذھني مفلوجي جو مشاھدو ڪري سگھي ٿو. ھي اھو وقت آھي جنھن م انسان قومن کان وٺي خاندانن تائين تقسيم ٿي ڪري ھڪٻئي جو متضاد بڻجي چڪو آهي ء قومن جا به اھي ئي ساڳيا رويا آھن تنھنڪري ھي فقط معاشي جنگ ناھي بلڪه ھن دور م نظرياتي جنگيون به ھلي رھيون آھن جنھن م انسان ناھي مرندو بلڪه نظريا مري ويندا آهن ء اھو ڌڪ جيڪو قومن کي زنده ھوندي به ماري ڇڏيندو آھي تنھنڪري ھن وبا جي ڏينھن م فقط معشيت ئي تباھ ناھي ٿي رھي بلڪه اسانجو سماج جيڪو ذھني مفلوجي جو شڪار پڻ ٿي رھيو آھي. تڏھن ته ھن معاشري م جڏھن لفظ وائرس نروار ٿيو جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي بي بنياد طريقن جي فھرست اچي وئي جن جي تصديق به انھن ماڻھن ئي ڪئي جنھن کي لفظ وائرس جي معني جي به خبر ناهي ء مزي جي ڳالهه اھا آھي ته اسان جي بي سمجھ سماج م اھي طريقا بغير ڪنھن تحقيق جي استعمال ڪيا ويا بعد ۾ نتيجو اھو نڪتو ته وائرس کان اڳ سماج ٻين ڪيترن ئي دردن م جڪڙجي ويو ء اھو صرف شعور جي کوٽ ء ذھنن جي زنگ جي ڪري ٿيو. جڏھن ھي وبا سڄي دنيا م ڪاھي پئي تڏھن مختلف من گهڙت تبصرن جنم ورتو ڪنھن سازش قرار ڏنو ته ڪن عذاب جي عنوان م ويڙھيو، ڪن ھن وبا کي ڪوڙ سمجھيو ء ڪي ھن آفت کي ڏسي ان ريت اھو مختصر ورد ڪرڻ لڳا ته :
 ڪاش ڪہ ھم اس وبا سي آگي ھي مر جاتي!!
پر انھيءَ قومن اگر اھڙن ناڪاري تبصرن کي ھڪ پاسي ڪري اگر ھن جنگ جو گڏجي سخت مقابلو ڪن ھا ته ايستائين ھن بند دنيا م ڪا چرپر ضرور جنم وٺي ھا.
 ھاڻي ھي وقت جنھن م سڄي دنيا لاڪ ڊائون آھي اتي قومن کي ھاڻي اھڙا ترت فيصلا ڪرڻ گھرجن جيڪي ايندڙ وقت م انھن لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگھن جيڪي ايندڙ وقت م زندگيءَ گھارڻ لاءِ قومن کي ڪا گھربل جڳھ وٺي ڏين ء خاص ڪري اھي قومون جنھن پنھنجي زندگيءَ ھميشہ اونڌاهي م گذاري آھي انھن کي ھاڻي ان روشني جي لاءِ لازمن سوچڻ گھرجي اگر اھي قومون دؤر جي تبديليءَ سان تبديل نه ٿيون ته ايندڙ اڃان به جديد وقت م اھي قومون ھن وبا کي ياد ڪندي زبان تي انھن لفظن جو ورد جاري ڪري ڇڏين ته:
ڪاش ڪہ ھم اس وبا مين ھي مرجاتي!!
اڄ جي ھن اوچتي سنساني ء ويراني جي ويس م ڍڪيل دنيا م دنيا جا طاقتور توڙي ڪمزور ملڪ به آھن ھن واڇوڙي کانپوءِ دنيا م زندگيءَ جي چرپر ھڪ نئين انداز سان جڏھن شروع ٿيندي تڏھن دنيا گھڻو ڪجھ وڃائي چڪي ھوندي يا ٿي سگهي ٿو ھي طوفان دنيا کي ھڪ نئين ڍنگ سان جيئڻ سيکاري ء قومن جون پراڻيون رسمون ريتون جيڪي ٿي سگھي ٿو ھاڻي ايندڙ وقت م مدي خارج ٿي وڃن!! ھي خاموش جنگ جيڪا ضرور ختم ٿيندي پر سڄي دنيا جي چيلهه ھن بحران م زخمي ٿي ويندي اھو سچ آھي ته ھن سيلاب م نه فقط غريب ملڪ لڙھندا پر ھي سيلاب دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن م به ھڪ وڏي بحران کي جنم ڏيندو پر معاشي ڌڪ جي خال کي قومون اڳيان ھلي پُر ڪري وينديون جنھن خال کي ڀرجڻ جي لاءِ مدت به ٻڌائي سگھجي ٿي پر ھڪ ٻيو خال جيڪو نروار ٿيندو جنھن جي لاءِ وقت جي ڪا به مدت نٿي ٻڌائي سگھجي البته ھن خال کي ڀرڻ لاءِ قومن کي پنھنجو طرز زندگيءَ کي تبديل ڪرڻو پوندو جيڪي ھن مشاھدن ء تجربن تي مبني دور م به ھميشہ انڌي يقين جي چادر ھيٺ زندگيءَ گذارين پيون جيڪي تجربا ته پري ٿيو پر حقيقت کي به نٿيون ڏس سگھن جيڪي قومون ذھني مفلوجي جو شڪار ھونديون آھن. ھاڻي ھن مختصر وقت م انھن قومن اڳيان ٻہ آپشن نروار ٿيا آھن ته ھڪ اھو آھي ھاڻي وڌيڪ ذھني مفلوجي م جڪڙجڻ جو ء ٻيو انھي مفلوجي مان مڪمل طور تي آزاد ٿيڻ جو ھاڻي قومون ڪھڙو آپشن طرف ٿيون وڃن جنھن جو نتيجو ھن بريڪ کانپوءِ ئي اچي ويندو پر اھي قومون جيڪي ھميشہ مفلوجي جو شڪار رھيون آھن اگر انھن قومن ھن وبا کانپوءِ پنھنجي طرزِ زندگيءَ کي تبديل ڪيو پنھنجن پراڻن طريقن مان آجو ٿي جيئڻ جو ھڪ نئون انداز شروع ڪيو ء انھيءَ تبديلي سان اگر انھن قومن جي ترقيءَ واري چارٽ م بھتري آئي ء جديد پھلو م داخل ٿيون ته پوءِ شايد اھي قومون پنهنجي بقايا زندگي ۾ اھي جملا ورجائينديون رھن ته:
سيکھا ديا تو ني جيني ڪا سليقہ،
شڪريه اي وبا شڪريه!!!
razasanjrani@hotmail.com

No comments:

Post a Comment

Era of AI and Challenging Time for the World.!

  Era of AI and challenging time for the world.! By.. Engr. Raza Ali Sanjrani  This is hard time, fast time or a time which is borderless. T...